جنگواڻي جمالين جا قبا

جنگواڻي جمالين جا قبا: هن ناليوارو قبرستان ديھه کنڌاڻي، تپي ٽنڊي رحيم، تعلقي جوھي ضلعي دادوءَ ۾ آهي. ھيءُ قبرستان 16 ايڪڙن ۾ ڦھليل آھي. قبرستان ۾ڪيترن ئي قسمن جون رانڪون ٺھيل آھن. ھيءُ قبرستان نئن ھليلي جي ڪنڌيءَ تي آھي. مقبرن ۾ اندر آبي چٽ گھڻو ملي ٿو. اھو چٽ اندر ڀتين تي ڪيترن ئي نمونن جو آھي. ھتي رانڪن جا ٻه ميڙ آھن، جيڪي ھڪ ٻئي کي ويجھو آھن. ڪجھه مقبرا اڻپورا آھن، جو لتل نه آھن. اڏاوتن جو نمونو ڪاڇي ۾ موجود مقبرن جهڙو آهي. هن جي ويجھو ئي جنگي جماليءَ جو قبرستان آھي، اِھو به ديھه کنڌاڻي تپي ٽنڊي رحيم خان ۾ آھي. ھن قبرستان کان وڌيڪ اوچائيءَ تي ۽ ٿورو اولھه پاسي گھڙيل پٿرن مان ٺھيل ھڪ ڇٽي آھي، جنھن جي سرڪيل ڇت (Trabeated) اٺن پٿر جي پيل پاون تي اڏيل آھي. سڄي ڪاڇي (ضلعي دادوءَ) ۾ شايد ھيءَ واحد ڇٽي آھي، جا هينئر تائين سالم آھي. چون ٿا ته ھن ڇٽيءَ ھيٺان اسماعيل فقير مدفون آھي. هيءُ جنگواڻين جمالين جو قبرستان آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو